اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ جي ??باهي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ، ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ عالمي برادري کي مدد جي ??پيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي خوراڪ، دوائن، پاڻي ۽ ٻين شين جي فوري ضرورت آهي، تازي ٻوڏ ملڪي تاريخ جي ??ڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، حڪومت ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ محدود وسيلن جي ??اوجود ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، متاثرين جي مدد لاءِ گڏ ڪيل رقم جي پائي پائي شفافيت سان خرچ ٿيندي، آخري متاثر شخص جي ??حالي تائين قدم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ واري صورتحال تي عالمي ميڊيا جي نمائ??دن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2020ع ۾ به ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو هو جڏهن ته تازي ٻوڏ ملڪي تاريخ جي ??ڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، 2010ع جي ٻوڏ ۾ عالمي برادري پاران ڀرپور مدد ڪئي وئي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ??ورن سان ٻوڏ جي ??باهي جو اندازو ٿيو، اها ٻوڏ واري تباهي موسمياتي تبديلين جو خطرناڪ نتيجو آهي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سان لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 300 ٻارن سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن، بيٺل فصل مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ کجور، ڪپهه ۽ سارين جا فصل ختم ٿي ويا آهن، اها ئي صورتحال بلوچستان ۾ به آهي، ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين شين جي فوري ضرورت اهي، وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ هٿياربند فوج ٻوڏ کان متاثر مانهن جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف ملي سگهي، هزارين ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو آهي، ٻوڏ متاثرين جي ??يسڪيو جي لاءِ هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين جو به استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال انتهائي تباهي آڻيندڙ آهي، ٻوڏ جي ڪري ڳنڀير صورتحال جا معيشت تي به اثر پوندا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 هزار 5 سئو ڪلوميٽر رستا تباه??، سوين پليون، فلائي اوورز ۽ انڊر پاسز لُڙهي ويا آهن، ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي ??هولت به معطل ٿي وئي، متاثرين جي مدد لاءِ وزير ۽ سيڪريٽريز متاثر علائقن ۾ موجود آهن، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ به مواصلاتي ذريعا بند ٿي ويا جن کي بحال ڪيو پيو وڃي، محدود وسيلن جي ??اوجود ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ ??مو??ا قدم کنيا پيا وڃن، هن وقت اسان کي جيڪا صورتحال درپيش آهي اهڙي صورتحال پنهنجي پوري زندگي ۾ نه ڏٺي، ريسڪيو ۽ ريليف کانپوءِ بحالي جو ڪم شروع ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي هنگامي بنيادن تي کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما مهيا ڪيا پيا وڃن، سڄي دنيا ۾ پنهنجي ??وستن کي به تعاون جي ??پيل ڪئي آهي جنهن جو انهن مثبت جواب ڏنو آهي ۽ چارٽرڊ جهاز امدادي سامان کڻي ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پهچي رهيا آهن، ڪجهه ملڪن ٽرين جي ??ريعي به امدادي سامان موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ استنبول مان تهران رستي امدادي سامان کڻي ٽرين پهچي رهي آهي، ٻيا ملڪ مالي امداد ۽ سامان فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قومي ميڊيا پاران ٻوڏ جي منظرڪشي سان امداد شروع ٿي، عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي، ٻوڏ واري صورتحال ۾ وقت سر ريسپانس تي عالمي برادر?? جا ٿورائتا آهيون، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ هٿياربند فوج جي ڪوششن سان درجنين هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي ٻارن، عورتن ۽ ٻين متاثرين کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي ۽ آخري متاثر شخص جي ??بادڪاري تائين اسان جا قدم جاري رهندا. وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل مشاورت سان ٺوس ريليف سرگرمين جي لاءِ نيشنل فلڊ ريسپانس سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جي قدمن کي ٺوس بڻائڻ ۽ امداد ڏيندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ادارن سان رابطو برقرار رکندو. وزيراعظم چيو ته متاثرين جي مدد جي لاءِ گڏ ٿيندڙ رقم جي پائي پائي شفافيت سان خرچ ڪئي ويندي ۽ امدادي رقم مستحقين تائين پهچندي، اسان ترقياتي فنڊز جو رخ به بحالي جي ??رگرمين طرف موڙينداسين، عالمي برادري، ترقي يافته ملڪ ۽ عالمي ادارا هن مشڪل گهڙيءَ ۾ قومي تعمير جي ??مل ۾ اسان جي مدد ڪن.