اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل ??لچ??پي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان جو سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ ج?? لاءِ وڌيڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي واپار ۾ وڌيڪ فروغ ج?? لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آه??، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ۾ وڌيڪ وڌائ?? جي ضرورت آهي.