اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه ۾ 75 هون آز??دي ج?? ڏهاڙو قوم سا?? گڏ روايتي ج??ش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات پاڪ فضائيه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ خصوصي دعائن سان ٿي ج??هن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي ج?? تقريب منعقد ڪئي وئي. ايئر وائيس مارشل محمد نديم صابر ستاره امتياز (ملٽري)، انسپيڪٽر جنرل پاڪستان ايئر فورس پرچم ڪشائي ڪئي ج??هن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿي قومي ترانو ڳايو. بعد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو آز??دي ج?? ڏهاڙي ج?? حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.