اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع ايندڙ مالي سال جي لاءِ معاشي واڌويجهه جي شرح سميت هدفن جي منظوري ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته بنيادي ڍانچي ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ سستي توانائي، معياري تع??يم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي حڪومت جي ترجيح آه??، ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، غريب ترين علائقن جي ترقي جي لاءِ خصوصي منصوبا شروع ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو فورم قومي وحدت جو مظهر آه?? ۽ ان جو بنيادي مقصد ٺوس ڪوششن سان وفاق کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قومي هم آه??گي وڌائڻ آه??، قومي اقتصادي ڪائونسل کي اڻبرابري کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اها وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آه?? ته متوازن علائقائي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي غيردانشمنداڻي پاليسي قدمن جي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آه?? جتي ٻاهرئين ۽ اندروني چئلينجز معاشي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آه??، اسان جي حڪومت کي ورثي ۾ اهڙي معيشت ملي جنهن کي غيرمستحڪم مالي صورتحال 7 ٻاهرئين شعبي، مهانگائي، بيروزگاري، عربت ۽ عدم استحڪام جهڙا خطرناڪ چئلينجز درپيش آه??، اسان کي اندروني غيرمعمولي معاشي عدم استحڪام ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو پورو ادراڪ آه??. هن چيو ته حڪومت نه رڳو معيشت کي صحيح رخ ڏنو آه?? پر پنهنجي پهرين مختصر دور ۾ توانائي شعبي ۾ سڌارن سان گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين شعبن ۾ عدم توازن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سڌاراجاتي قدم کنيا آه??، ماڻهن جي روزگار ۽ معيار زندگي جي بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، معاشرتي انگن اکرن ۾ بهتري ۽ افرادي قوت تي سيڙپڪاري ۾ اضافو منهنجي حڪومت جي ڊگهي مدي واري ويزن جو حصو آه??. هن چيو ته سماجي ڀلائي، پاڻي وسيلن جو تحفظ، زراعت، موسمياتي تبديلي، ناليج اڪانومي ۽ علائقائي برابري سان معيشت جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ، اسان جي ترقياتي فريم ورڪ جي ڌيان جو بنيادي مرڪز آه??، اهي ترجيحون اسان جي ترقياتي فريم ورڪ جو اهم حصو آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح آه?? ته شهرين جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجي پوري صلاحيت استعمال ۾ آڻيون، انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ گهٽ لاڳت توانائي، معياري تع??يم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي تي اسان جي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آه??، اسان معاشي شموليت، غربت جي خاتمي، ادارن ۾ سڌارن، انفراسٽرڪچر، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ بهتر صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل علائقائي قدر ۽ ذميواري ذريعي خطي جي ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ تي يقين رکون ٿا. وزياعظم چيو ته حڪومت کي عالمي معاشي ماحول ۽ ملڪي حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ آه??، حالتون ڏکيون ضرور آه?? پر ناقابل تسخير نه آه??، اسان انهن مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون ۽ سمورا ضروري قدم کڻي رهيا آه??ون، ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان جي ڪوششن جا ثمر اچ?? به شروع ٿي ويا آه??، اسان کي ان ڳالهه تي پورو ڀروسو آه?? ته مستحڪم معيشت ۽ سيڪيورٽي ماحول ئي پوري دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جو ضامن آه??. منصوبابندي واري وزارت قومي اقتصادي ڪائونسل کي سالياني پلان سال 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ۽ سال 23 – 2022ع جي هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ سالياني هدفن جي منظوري ڏني، معاشي واڌويجهه جو هدف 5 سي??ڙو رکيو ويو آه?? جنهن کي 6 سي??ڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، زراعت سيڪٽر جي واڌويجهه جو هدف 3.9 سيڪڙو، صنعت جو 5.9 سي??ڙو ۽ سروسز سيڪٽر جي وڌاويجهه جو هدف 5.1 سي??ڙو رکڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪائونسل سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع جي پڻ منظوري ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ سمورا صوبا ان ڏس ۾ قدم کڻن، زراعت جي شعبي جي واڌاري تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. ڪائوسنل کي ترقياتي بجيٽ 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ويو. ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ 900 ار?? رپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي جڏهن ته ڪورونا وبا جي ڪري معاشي ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ گهٽتائي ٿي ۽ رڳو 550 ار?? رپيا خرچ ٿي سگهيا. ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ 800 ار?? رپين جي ترقياتي بجيٽ رکڻ جي تجويز منظور ڪئي. ڪائونسل گڏيل فيصلو ڪيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ 60 سي??ڙو جاري منصوبن ۽ 40 سي??ڙو نئين منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته غريب ترين علائقن جي ترقي جي لاءِ خصوصي منصوبا شروع ڪيا وڃن جنهن ۾ بلوچستان جا ضلعا به شامل هجن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته پي ايس ڊي پي ۾ اهم ۽ وڏن منصوبن کي شامل ڪيو وڃي جيڪي ملڪي ترقي ۾ مدد ڪن. ڪائونسل ترقياتي فورمز بشمول سي ڊي ڊبليو پي، ايڪنڪ ۽ ڊي ڊي ڊبليو پي جي ترقياتي منصوبن جي منظوري جي نظرثاني ٿيل اختيارن جي منظوري ڏني.