گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن ??قبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ ??اضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اهي هدايتون چيني ڪم??نين جي وفد سان ملاقات د??ران ڏنيون. وزيراعظم انهن کي گوادر شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جو استعمال ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن گوادر ايئرپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گوادر پورٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن ??قبال کي ان سلسلي ۾ چيني سيڙپڪارن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ ??اضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن ??قبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ??يون اهم سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.