اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انهن جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ??يليف فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ بهترين طرز عمل کي ??ختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ ??ي لاءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي مينڊيٽ کي ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي ??نصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي ??اص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ??يليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي مشورو ڏنو ته هو عوام کي ??اتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ ??ي لاءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي ??ستعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي ??ي لاءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب صدر کي ??داري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ ??ي لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.