مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ خصوصي دعا ڪئي، وزيراعظم لا??ِ خانه ڪعبه جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عمري دوران وزيراعظم شهباز شريف خصوصي زيارت کانپوءِ حجرِ اسود کي چُمي ڏني ۽ طوافِ ڪعبه ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي جي لا??ِ خصوصي دعا ڪئي. ٽن ڏينه?? جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن عمره جي ادائيگي دوران وزيراعظم شهباز شريف زيارتِ خاص ۽ طوافِ ڪعبه جي ادائيگي کانپوءِ صفه ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪئي. وزيراعظم سعي صفه و مروه جي ادائيگي سان گڏ ئي عمره جي تڪميل کانپوءِ ملڪ ۽ قوم ۽ مسلمان امت جي سلامتي ۽ پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ دعائون ڪيون. وزيراعظم ٽن ڏينه?? جي سعودي عرب جي دوري دوران مدينه منوره ۽ جده ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ لا??ِ مڪه مڪرمه روانو ٿيو ۽ وفد سميت عمره ادا ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيادم دوران ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاصري ڀري، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لا??ِ دعائون گهريون. جده ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدلعزيز سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لا??ِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پي??ا ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزده شاهزين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي.