اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هو سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان گهڻ رخيون ڳالهيون ڪندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? وزيراعظم چيو ته هو ڀائيچاري ۽ دوستي جي رشتن جي تجديد ۽ ورجاءُ ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي دوري تي وڃي رهيو آهي. سعودي قيادت کان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندس، هن چيو ته سعودي عرب اسان جي عظيم دوستن مان هڪ آ??ي ۽ خادم حرمين شريف??ن جو اسان جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي.