اسلام آب??د – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغ??نس??ان جي صورتحال خاص طور تي ??نس??ني بحران او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي ??وج??د هئا. پرڏيهي وزير ??يو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تنظيمن جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت ??نس??ني حقن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت والاريل علائقي ۾ آب??دي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي تازي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي قدمن کي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن پاران مڪمل حمايت حاصل رهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ سان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغ??نس??ان جي صورتحال خاص طور تي ??نس??ني بحران، او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي، اميد آهي ته افغ??نس??ان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ جي آپريشنل آغاز سان افغان عوام کي درپيش ??نس??ني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شاهه محمود قريشي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب اسان کي مناسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذريعي ڪابل ۾ او آءِ سي جي ??وج??دگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران اسان او اءِ سي کي وڌيڪ متحرڪ بڻائڻ لاءِ سيڪريٽريٽ سان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، اسان او آءِ سي چيئر جي طور تي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت جا خواهشمند آهيون.