اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو پرڏيه?? وزير سامح شڪري اس??امي تعاون تنظيم جي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اس??ام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ ت?? وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هن چيو ته مصر جو پرڏيه?? وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريون ٿا. خصوصي نمائندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي ??ل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيه?? وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت جي ??رقي ۾ مدد ملندي.