اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ سڀئي رڪارڊ جمع ڪرايا ۽ باقاعدگي سان اليڪشن ڪم??شن جي سامهون پيش ٿيندا رهيا آهن، اسان جي اليڪشن ڪم??شن کي به درخواست آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي فارن فنڊنگ جاچ لاءِ اسڪروٽني ڪم??ٽي کي فعال ڪيو وڃي، بلاول ۽ مريم کي پنهنجي پنهنجي پارٽي فنڊنگ جي باري ۾ ٻڌائڻو پوندو، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻاهرين ملڪ پارٽي کي لميٽيڊ ڪم??ني طور تي رجسٽرڊ ڪرايو آهي، مارڪ سيگل کي ڪنهن مد ۾ ادائيگ??ون ڪ??ون ويند??ون رهيون، اليڪشن ڪم??شن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته اڄ ٻيهر اسان اليڪشن ڪم??شن کي درخواس?? ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ فارن فنڊنگ جي حوالي سان اسڪروٽني ڪم??ٽي کي فعال ناهي ڪيو ويو. هڪ ميمبر جي رٽائرڊ ٿيڻ جي ڪري اسڪروٽني ڪم??ٽي غير فعال آهي. هن چيو ته ن ليگ 64 ڪروڙ ۽ پيپلزپارٽي 35 ڪروڙ جو حساب نه ڏئي سگهي. ن ليگ جا 9 ۽ پيپلزپارٽي جا 12 ڳجها اڪائونٽ سامهون آيا آهن، اسان جو موقف ۽ مطالبو آهي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪم??شن کي فيصلو ڪرڻو آهي، اسان جي درخواست آهي ته جلد فيصلو ڪيو وڃي، فرخ حبيب چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جون ڪوششون هوند??ون آهن ته ڪنهن طريقي سان قانون جي بالادستي جي سامهون رڪاوٽ وجهون، اهو طريقو ڇڏڻو پوندو. هڪ طرف 22 سالن جي جدوجهد آهي ته ٻي طرف ڪرپشن آهي، هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوڻ ۽ روڊن تي گهلڻ جون ڳاله??ون ڪرڻ وارا پنهنجون چور??ون ??ڪا??ڻ لاءِ گڏجي ويندا آهن. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو ??ڀ کان وڏو صحت سڌارا پروگرام کڻي آيو آهي، اڄ فيصل آباد ڊويزن جي لاءِ 32 لک خاندانن جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جاري ٿيڻ وڃي رهيو آهي