اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ن??ڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظ?? چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عالمي معاشي تنظيمن پاڪستان جي ڪوويڊ دوران نوڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم ن??ڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي معاشي بهت??ي جي لاءِ قدم شروع ڪ??ي جيڪي درآمدي مهانگائي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير مسلسل جاري عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ تمام گهڻي اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آهن جيئن ته صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آءِ سان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.