اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي قانون هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائرز فورم جي وفد سان ڳ??لهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايڊيشنل سيڪريٽري ج??رل عامر م??مود ڪياني کانسواءِ آءِ ايل ايف جو چيئرمين سينيٽر علي ظفر، نويد سهيل ملڪ، فياض احمد مهر، قيصر ??باس شاهه، عمير نيازي، انيس هاشمي ۽ نيها وسيم شامل هئا. ملاقات ۾ انصاف لائرز فورم بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.