اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نومبر 2021ع جي دوران ٽيڪس وصولين ۾ 35 سيڪڙو اضافي تي ايف بي آر کي مبارڪب??د ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان نومبر 2021ع جي دوران ٽيڪس وصولين ۾ اضافي تي ايف بي ار کي مبارڪب??د ڏيندي چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ نومبر 2021ع جي دوران ٽيڪس وصولين ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن دوران ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عارف حبيب لميٽيڊ جي شعبي تحقيق جو گراف به ش??ئر ڪيو، جنهن ۾ گذريل ۽ جاري مالي سال جي ٽيڪس وصولين جو ڀيٽ پيش ڪيو ويو آهي.