اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ??ي سوڳوار خاندانن ک?? ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ??رم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ??ي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ??رم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ر??ضا?? خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن ??ان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن ??ي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.