اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائق??ئي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ??ائ??اڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسد قيصر چيو ته ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي ??موار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ واپاري سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ??ائ??اڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيجان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.