اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته افغا??ست??ن ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن ج?? خاتمو ۽ معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن ج?? ضرورت آهي، افغان عوام جي انسان?? ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم عمرا?? خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمرا?? خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمرا?? خان تاجڪستان جي صدر کي افغا??ست??ن جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته افغان عوام جي انسان?? ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن ج?? ضرورت آهي. عالمي برادري ک?? ضروري انساني معاونت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغا??ست??ن ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.