اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آ??ي ته اڄ کان ٽي سال اڳ ڪاري دور ??و خاتمو ٿيو ۽ سوجهري جي اميد پيدا ٿي، انهي اميد جي ڪرن جو نالو تحريڪ انصاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عاشورا جي احترام ۾ اسان تحريڪ انصاف جي ٽي سالا ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جو جامع پلان هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آ??ي. انشاءُ الله ايندڙ هفتي تفصيل سان ٻڌائينداسين ته تبديلي ڇ?? آهي.