پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان جمعي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت علي مردان ??ان ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود ??ان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا ع??لدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردان ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران ??ان ڄاڻايل عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردان ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي م??جود مغليه د??ر جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردان ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اها ع??ارت مغل دور ۾ علي مردان ??ان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجهان جي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عمارت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان پهرين ڄاڻايل عمارت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا ??اڻ?? مڪمل ٿي چڪي آهي.
تاريخي عمارت علي مردان ??ان کانپوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪلاوڊ آگسٽ ان عمارت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843ع تائين اتي رهيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عمارت کي سرڪاري طور تي رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان تاريخي عمارت ۾ رهيو ان کانپوءِ اها ع??ارت رڪارڊ روم جي طور تي به استعمال ۾ رهي آهي.