اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪو به معاشرو تعليم کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، شاگرد اسان جي ملڪ جو روشن مستقبل آهن ۽ موجوده حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي ف??وغ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ويمن يونيورسٽ?? صوابي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهانه عروج سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تعليم و??رو صوبائي وزير شهرام ترڪئي به موجود هو.