اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صح?? واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ چين جي تعاون تي ٿورائتا آهيون جنهن ضروري طبي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ پنهنجا تجربا اسان سان شيئر ڪيا، پاڪستاني شهرين جي لاءِ چين جي امداد کي ساراهيون ٿا، چيني ڊاڪٽرن جو اچڻ اهم آهي ڇو ته پاڪستان ڪرونا وائرس جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ طبي عملي جي تربيت شروع ڪري ر??يو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت صحت جا شعبا به هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکند??، اميد آهي ته پاڪستان جا طبي ماهر چيني ڊاڪٽرن کان وبا کي ر??ڪڻ جي لاءِ انهن جي تجربن مان سکندا.