اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪورونا وائرس ??ي روڪڻ جي حوالي سان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) تعليمي ادارن کي ٻيه?? کولڻ کان اڳ آءِ ٽي انتظامن جو جائزو ورتو، اين سي او سي انفارميشن ??يڪنالاجي پاران کنيل انهن قدمن جو جائزو ورتو جن ۾ اسڪولن کي ٻيه?? کولڻ کان اڳ وائرس ??ي پکيڙڻ جي حوالي سان نگراني جي لاءِ سمارٽ اپيليڪشنز وغيره شامل آهن، فورم کي انفارميشن ??يڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ??يڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي ذريعي تيار ڪيل اپيليڪشن جي صورتحال جي باري ۾ تفيصل سان ٻڌايو ويو.