اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري تعليم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوالي سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپخت??نخ??ا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوالي سان قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خيبرپخت??نخ??ا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپخت??نخ??ا جو وڏو وزير محمود خا??، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپخت??نخ??ا جي وڏي وزير جو صلاحڪار خليق الرحمان، خيبرپخت??نخ??ا جو چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپخت??نخ??ا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانس??رز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.