اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته وفاق?? حڪومت ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش يقيني بڻائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهي، حڪومت جهاز ??ا??ثي ۾ رليف ۽ ريسڪيو تي مڪمل ڌيان ڏئي رهي آهي. هتي جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته عيدالفطر کان اڳ هي هڪ افسوسناڪ حادث?? آهي ۽ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس پور?? حڪومتي ٽيم جون دعائون مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مسافرن، جهاز جي عملي ۽ متاثرين جي خاندانن سان گڏ آهن.