اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته مسلمان جي قوت ان جو ايمان آه??، پنهنجي ايمان کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ۽ ارشاد نبوي ص?? جي پيروي ڪندي رڳو الله جي رضا ۽ ثواب خاطر رکيل روزا الله تعاليٰ طرفان اسان جي سمورن گذريل گناهن جي بخشش جو واعدو آ??ن. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان صحيح بخاري جي اها حديث مبارڪ پڻ شيئر ڪئي ته ”جيڪو رمضان ۾ ايمان جي حالت ۽ ثواب جي نيت سان روزا رکي ٿو ته ان جا گذريل گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا.“