اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.