اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد انسانيت جو احساس ۽ سهولتون ڏيڻ آهي، قانونسازي جي ذريعي غريب جي قانوني مدد ل??ءِ جامع نظام جوڙيو آهي، پي ايم ڊي سي کان ڊاڪٽرز جو مقام متاثر ٿيو، ??سل بلور لا جي ذريعي بي نامي جائيدادن جي شناخت ممڪن ٿيندي، ويمن پراپرٽي بل تحت انهن کي وارثت ملندي، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم نظام بدلائن جو واعدو ڪيو هو، ??انون بدلائينداسين ته ماڻهن جا رويا بدلجندا، موثر قانونسازي سان حاضر دور جي گهرجن تي عمل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ٻاهران مي??يا سان ڳالهايئندي ڪيو.