اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي ??ور??حال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. وزيراعظم عمران ??ان ??ان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثمان ??ان ??رڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران ??ٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪي?? پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪي??، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عورتن جي لاءِ سينٽر ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي ??ور??حال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي.