اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان ??ا لاڳاپا نئين بلندي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سان وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپا مستحڪم ٿيندا، ازبڪستان ??ي صدر جو پاڪستان ??و دورو خصوصي اهميت ر??ندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان ??ي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصنوعات جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ کان ??سان ويجهي دوست ملڪ ازبڪستان ??ي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ روايتي لباس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ۽ ازبڪستان ??و صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پاڪستان ??ي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران ??ان ??ا ازبڪ صدر سان پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو اهم سربراهه ??زبڪ صدر پاڪستان ??چي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت ر??ندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان ??ي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي جنهن سان ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ملندو. وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان ??ان ٽرين روٽ ڳنڍجڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مغل بادشاهه ??هيرالدين بابر پڻ ازبڪستان مان ??يو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان ??ا لاڳاپا تاريخي اهميت ر??ن ٿا. وزيراعظم عمران ??ان ??ي ازبڪستان ??ي دوري سان ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. ان کان ??ڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ازبڪ سفارتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.