اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهي??ن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهي??ن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهي??ن جي بلند درجن ۽ وارثن لا??ِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته سڄي قوم وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهي??ن جي عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 فيبروري تي نوشڪي ۾ دهشتگر حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳا??هه ٻولهه ڪئي، صدر ڪيپٽن محمد بلال خالد، لا??نس نائيڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيبروري تي دهشتگر??ن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندان جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضياءُ الله خان جي وارثن سان ڳا??هه ٻولهه ڪئي، سپاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن سان به صدر افسوس جو اظهار ڪيو، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروارن سان به ڳا??هه ٻولهه ڪئي، صدر نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي خاندان جي ماڻهن سان افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروارن سان به رابطو ڪيو، صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.