فيصل آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فيصل آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو دورو ڪيو جتي هن سي سي يو سميت مختلف وارڊن ۾ وڃي علاج هيٺ مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن کي فراهم ڪيل علاج ۽ ٻين س??ول??ن جي باري ۾ دريافت ڪيو، هن سي سي يو ۽ مختلف وارڊز ۾ داخل مريضن جي نظرداري ڪندڙن ۽ انهن جي پوئينرن س??ن به ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن علاج جي س??ول??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فرخ حبيب چيو ته صحت جي اعليٰ معيار جي س??ول??ن جي بنا فرق جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي جڏهن ان ڏس ۾ هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي ٻين ڊويزنن وانگر فيصل آباد سميت ڊويزن جي چئني ضلعن جي هر گهراڻي کي به آهستي آهستي ڪارن جي س??ول?? ميسر اچي ويندي جنهن س??ن ڪنهن به پسند جي اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کان 10 لک روپين تائين جو مفت علاج جي س??ول?? حاصل ڪري سگهبي. هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي دوائن جي فراهمي سميت ڪنهن به قسم جي ڪا به ڏکيائي ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻ نه گهرجي. مملڪتي وزير اسپتال ۾ ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر تي به ويو ۽ اتي ويڪسين لڳائيندڙ ماڻهن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته شهرين پاران ڪورونا ايس او پيز تي ان جي روح موجب عمل نه ڪرڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي ڪيسن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تنهن ڪري شهري پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين، عزيزن، دوستن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري ڪورونا کان بچاءُ جي مفت حفاظتي ويڪسين لڳرائين. هن چيو ت?? ٽيهه سالن کان وڌيڪ عمر جي جن ماڻهن کي ٻيو ڊوز لڳي 6 مهينا گذري وي?? آهن اهي احتياطي ۽ حفاظتي طور تي بوسٽر ڊوز به لڳائي سگهن ٿا. ان دوران اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد نديم اختر ۽ ٻين عملدارن کيس اسپتال جي مختلف معاملن ۽ علاج جي س??ول??ن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.