اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سرب??اه?? اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ فورم آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان فورم جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برا??ر ??صيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمياتي تبديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفت?? جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل ج?? اهم مسئلن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سرب??اه?? اجلاس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن کي سا??اه??ندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اسيم فورم جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل ج?? چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، پاڪستا?? جي نمائندگي ڪندي اسيم فورم کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي ??اب?? معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.