اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، ا??ان دنيا کي افغانستان جي حوالي ??ان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو?? افغانستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگرد تنظيمون افغانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه ا??غانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته ا??ان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه ??ان پاڪستان جي لاڳاپ?? جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي ا??ان قدر جي نگاهه ??ان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه ا??غانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي ??ان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستا?? جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه ا??غانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.