اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته حڪومت جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳاله??ون لاڀائت??ون ثابت نه ٿيون، حڪومت پنهنجن وعدن تي قائم آهي، مارچ جي منتظمين پنهنجي مرڪز واپس وڃڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪن. پنجاب ۾ پوليس کي ??ينجرز جي ماتحت ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ايڪٽ تحت رينجرز کي ??مورا اختيار حاصل آهن، صورتحال تي وزيراعظم قوم کي ??عتماد ۾ وٺندو، ايف آءِ اي کي ??وشل ميڊيا تي قابض اعتراض مواد خلاف ڪارروائيءَ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪميٽيءَ جو اجلاس 2 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري، بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف کان علاوه هٿياربند فوج جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت جي رٽ ۽ امان امان کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. گهرو وزير چيو ته هو اميد ٿو ڪري ته ڳاله??ون ٻيهر شروع ٿينديون، جنهن ۾ حڪومت جي نمائندگي مان ۽ نورالحق قادري ڪنداسين. هن چيو ته ڪالهه آرٽيڪل 147 تحت پنجاب پوليس رينجرز جي ماتحت ڪيو ويو، پنجاب حڪومت کين ضرورت مطابق ڪٿي به ڪتب آڻي سگهي ٿي،
اسان جي ڪوشش آهي ته معاملا احسن طريقي سان حل ٿين. جي ٽي روڊ تي 12 ربيع الاول کان وٺي هن وقت تائين ڌرڻن ۽ مارچن کان عوام متاثر ٿي رهيو آهي، ان دوران هنگامن ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 80 کان وڌيڪ گول??ون لڳڻ سبب زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 6 کان 8 تائين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. گهرو وزير چيو ته لٺ بردار پوليس اهلڪارن تي گول??ون هلا??ون ويون، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پوليس کي ??ينجرز جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته مان ڳالهين کان پوءِ جنهن معاهدي تي صحيحون ڪ??ون هيون، حڪومت ان تي قائم آهي پر جي ٽي روڊ کولڻ ۽ مرڪز واپس وڃڻ جو وعدو ٻي ڌُر جو هو جيڪو انهن پورو نه ڪيو. جيڪڏهن ڳاله??ون ڪنهن نتيجي تي پهت??ون ته قوم کي ??عتماد ۾ ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان قوم کي ??ورتحال کان آگاهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته صورتحال جي حوالي سان ڀارت، هانگ ڪانگ، ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ آفريقا، آمريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف ملڪن مان واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي مواد اپ لوڊ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان کان جيڪي ماڻهو ان ڪارروائيءَ ۾ ملوث آهن انهن خلاف ايف آءِ اي کي ڪارروائيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته ان صورتحال سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو ٿي رهيو آهي، مان توقع رکان ٿو ته قومي نقصان نه ٿئي، پوليس جون جان??ون به قيمتي آهن، سعد رضوي سان ڳاله??ون ٿي ره??ون آهن، لاهور ۾ پڻ ڳاله??ون ٿ??ون ه??ون پر ڳاله??ون لاڀائت??ون نه ٿي سگهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي ستون ڀيرو مارچ لاءِ نڪتا آهن عوام کي ??ن صورتحال سبب وڏي تڪليف جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي?? رينجرز کي قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ سمورا اختيار حاصل آهن، اميد ٿا ڪر??ون ته ڳالهين سان مسئلي جو ڪو حل نڪرندو.