اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي موسمياتي ت??دي??ي پاليسي 2021ع ۽ قومي وا??لڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وا??لڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي ت??دي??ي بابت ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنجي ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي ت??دي??ي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽري جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي ت??دي??ي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن کي ساراهي رهي آهي. وزيراعظم موسمياتي ت??دي??ي وا??ي وزارت کي هدايت ڪئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ گهربل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺاهيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ”قومي موسمياتي ت??دي??ي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وا??لڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي، هن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وا??لڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، وزيراعظم مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي ت??دي??ين جي خاتمي جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ڪئي، هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان شعبي پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. وزيراعظم جي موسمياتي ت??دي??ي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، موسمياتي ت??دي??ي جي پاليسي، قومي وا??لڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه مح??ود قريشي، سيد فخر امام، مح??د حماد اظهر، چوڌري مون?? الاهي، قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير مح??ود خان، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وا??و وزير اسماعيل راهو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.