اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين م??اقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ان م??قعي تي وزيراعظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ م??ثر قدم ک??ڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ م??ڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان م??قعي تي ناڻي واري وزير پاران وزيراعظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال ت?? پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ م??ثر قدم ک??ڻ جي هدايت ڪئي.