اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ??اءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، افغانستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان ??ڌڻ جي ضرورت آهي. وفدن جي س??ح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آهن. هن چيو ته مون اسپين جي پرڏيهي وزير کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي حوالي س??ن پاڪستان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آهي، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا پر سوال اهو آهي ته ان ??قصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين الافغان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف هجي ها، دنيا کي افغانستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادريءَ کي افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان ??ڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان طرف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. افغانستان ??ان ??اپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي محفوظ واپسي عالمي برادريءَ جي خواهشن موجب آهي. پاڪستان افغانستان جي مدد جاري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت جاري رهندي. هن چيو ته افغانستان جو معاشي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون ايف اي ٽي ايف جي حوالي س??ن پاڪستان طرفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي س??ن اسپين طرفان ??اڪستان جي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، اسان ??اڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون. اسپين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان جي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آهي. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان ??اڪستان جي حوالي س??ن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي س??ح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آهن، اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان ??اءِ وڏي اهميت وارو آهي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي س??ن لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران جنهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان طرفان عام معافي، افغانين جي حقن جي تحفظ جي حوالي س??ن سامهون آيل شروعاتي بيان حوصلو ڏيندڙ آهن. ان ??وقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد افغانستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان ??ازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان جا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 30 کان ??ڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان ??حفوظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي خوشي آهي ته توهان جو هي دؤرو ان ??وقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي آهن. اسپين يورپي يونين ۾ پاڪستان جو ٽيون وڏو واپاري شراڪتدار آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پاڪستاني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.