اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آه??، پاڪستان افغانستان جي مع??شي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو ق??ر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ملاقات دوران ڳالهائي ر??يو هو، ملاقات دوران افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ ق??ر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ق??ر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو آه??، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آه??. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم زور ڏنو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آه??. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي امداد انساني ريليف ۽ مع??شي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آه?? ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته اها افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ مع??شڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ ق??ر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏيل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ق??ر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ٻطرفن ۽ علائقائي مع??ملن تي پاڪستان سان پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.