اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت تحفظ والدين آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جو مقصد ٻارن پاران والدين کي زبردستي گهرن مان ڪڍڻ جي خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت والدين کي گهرن مان ڪ??ڻ قابل سزا ڏوهه هوندو. والدين کي گهرن مان ڪڍڻ تي هڪ سال تائين قيد، ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏنيون وينديون. گهر ٻارن ج?? ملڪيت ??جڻ يا ڪرائي تي ??جڻ جي صورت ۾ به والدين کي نه ٿو ڪڍي سگهجي. گهر والدين ج?? ملڪيت ??جڻ جي صورت ۾ والدين کي ٻارن کي گهر مان ڪڍڻ جو اختيار هوندو.