اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??دايت ڪئي آهي ته هائوسنگ جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت واري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي قومي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. نئين پاڪستان ??ائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر هائوسنگ، تعيمرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فورم تان ??يڪس مراعتن، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ اپ سبسڊي، سهولتڪاري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن جي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ حوصلي جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي هائوسنگ تعميراتي منصوبن ۾ هيستائين ٿيندڙ ا??ڀر??ئي جي حوالي سان اجلا?? کي آگاهه ڪيو.