فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون، ڪشمير پل ان??ر پاس ۽ ڪيليگرافي جي ن??ائش جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم عمران خان ڄاڻا??ل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان مو??عي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع تائين پڄاڻي تي پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪشمير پل ان??ر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي ن??شنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي آساني ٿيندي، بعد ۾ وزيراعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي ن??ائش جو به افتتاح ڪيو، ڪيليگرافي ن??ائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني ??طاطي سميت ٻين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا.