سرينگر – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشمي??ين پاران ڪالهه 27 آڪٽوبر کي ڀارت پاران پنهنجي ملڪ تي 73 سالن کان جاري غيرقانوني قبضي کي رد ڪرڻ جي لاءِ ڪا??ي ڏينهن طور ملهايو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پوري والاريل علائقي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي. سموريون سرڪاري ۽ نجي آفيسون، دڪان ۽ واپاري مرڪز بند رهيا جڏهن ته رستن تي ٽريفڪ جي گه?? اچ وڃ رهي. نوهٽه ۽ سرينگر جي ٻين علائقن ۾ پاڪستان جي نقشي وارا پوسٽر جن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو ه?? ۽ ??اڪستاني جهنڊا ڦڙڪايا ويا ۽ آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا.