اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يوم عاشور جي موقعي ??ي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول ??ضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لا??ِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول ??ه جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهن??ي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو ??نئ??ن تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آهي جنهن کي مذهب اسلام ??ي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.