اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلاف معمول جو حصو آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز جي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ??اءِ عي??الاضحيٰ تي اجتماعي قرباني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ??ي وي کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عي??الفطر ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي ??شاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي سان پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي ??عاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي ??اءِ به صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي ??يو آهي، الله جو وڏو احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحران پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا. صدر چيو ته عي??الاضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قربانين جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ رش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عي?? جي ??ماز جي ??اءِ سماجي ??اصلي ۽ ٻين ضروري ايس او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته عي??الاضحيٰ ۽ محرم الحرام جي ??وقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.