اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لا??ِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيندي مختلف ادارن جي سربراهن جي مقرري لا??ِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آ??ي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضابطن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي ??ند?? رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غر??ب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آ??ي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي لا??ِ 39 تجويزون پيش ڪيون ويون، اهي تجويزون اعظم سواتي پارلياماني معاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.