اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ قائم ڪيل ??صو??ي پارلياماني ڪم??ٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪم??ٽي جي ميمبرن سميت سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي سيشن جي حوالي سان ميمبرن پاران مختلف تجويزون سامهون آيون جڏهن ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ٿيو ته 11 مئي سومر ڏينهن ٽي وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، ان اتفاق راءِ کانپوءِ مخالف ڌر پاران خواجه محمد آ??ف ريڪيوزيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. اهو به طئي ٿيو ته اجلاس جو و??ت ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ تائين هوندو.