لاهور – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪن جي پٺيان پاڪستان جي ملوث هجڻ جي ڀ??رت?? پروپئگنڊا پوري دني?? جي سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي، جڏهن ب?? ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙهي اسان امن جو پيغام ڏنو، ڪشمير جي آزادي اتان جي عوام جي امنگن جي تحريڪ آهي، پاڪستان پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته اسان امن پسند قوم آهيون، جهڙي طرح اسان 51 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏني ان جو مثال به پوري دنيا آڏو ظاهر آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ لاءِ عالمي سطح تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هو نظريه پاڪستان ٽرسٽ جي اهتم??م هيٺ 12ه??ن سالياني ٽن ڏينهن واري نظريه پاڪستان ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.