اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضر??رت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن، اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن چيو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري ??عا??ي بحران پيدا ٿي ويو آ??ي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آ??ي، جيڪڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته ملڪ ۾ ??عا??ي مسئلا وڌيڪ شدت اخ??يا?? ڪندا، هن چيو ته پاڪستان ۾ ??عا??ي استحڪام لاءِ ضر??ري آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام لاءِ ضر??ري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن