لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن م??تقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالها??ي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته پوليس واقعي جي ٻن م??ڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن م??ڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳالهه ٻولهه جو آپشن چونڊيو.