اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان و??هي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه ??و مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي ل??ءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي ل??ءِ ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد روڪڻ جي ل??ءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پا??ستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد جي خاتمي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پا??ستان ۽ ويٽيڪن سٽي کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ رابطي جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيزي سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه ??و مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي ل??ءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ ل??ءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ مختلف مذهبن جي پيروڪارن جي وچ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته هولي سي (ويٽيڪن سٽي) پا??ستان ۾ مقامي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.